سيرويڪل ڪينسر کان بچاءُ واري ويڪسين لڳرايو فرسودہ خيالن مان نڪرو

 

سيرويڪل ڪينسر (Cervical Cancer)

HPV ويڪسين لڳرايو فرسودہ خيالن مان نڪرو ـ

09 کان 14 سال جي ڇوڪرين کي HPV يعني سيرويڪل ڪينسر جي بچاءُ جي ويڪسين لڳرايو.

ورلڊ ھيلٿ آرگنائيزيشن (WHO) جي رپورٽ مطابق سال ۾ تقريبن 350،000 عورتون سرويڪل ڪينسر سبب موت جو شڪار ٿين ٿيون. جڏھن تہ پاڪستان ۾ 3،200 عورتون ان بيماري جو شڪار ٿين ٿيون.

WHO, GAVI ۽ UNICEF جھڙيون تنظيمون پاڪستان حڪومت سان گڏجي سرڪاري اسڪولن ۾ ڇوڪرين لاءِ مفت ويڪسين مھيا ڪئي وئي آھي.

WHO, CDC ۽ ان کان علاوہ ڪيترن ئي ملڪن جي صحت کاتن ھن ويڪسين جي منظور ڏني آھي. لکين ڇوڪرين کي دنيا ۾ اھا ويڪسين لڳي وئي آھي. سائنس جي لحاظ کان اھا محفوظ پڻ آھي.

سيرويڪل ڪينسر: سيرويڪل ڪينسر عورتن ۾ ٿيندڙ ھڪ اھم ۽ خطرناڪ بيماري آھي. جيڪا رحم جي مُنھن (Cervix) ۾ پيدا ٿئي ٿي، اھو حصو رحم (Uterus) کي ويجائنا (Vagina) سان ڳنڍي ٿو.

HPV ڇا آھي؟

HPV جو مڪمل نالو Human Papilloma Virus آھي. ھي ھڪ عام وائرس آھي، جنھن جا سبب گھڻو ڪري جنسي رابطي ذريعي ھڪ ماڻھوءَ کان ٻئي ماڻھوءَ تائين ويندو آھي. عورتن ۾ رحم جي تري (Cervix) تي اثر وجھي، ان کي بگاڙي ڪيسر ۾ تبديل ڪري سگھي ٿي.

رحم (Cervix) ڇا آھي؟

رحم عورتن جي جسم جو اھو حصو آھي، جتي حمل ٿيندو آھي. ان جو ھيٺيون حصو جيڪو اندرين رستي (Vagina) سان ڳنڍيل ھوندو آھي، ان کي Cervix يا رحم جي تري چيو ويندو آھي.

سيرويڪل ڪينسر ۽ HPV ويڪسين ڇو ضروري آهي؟

ويڪسين عورتن کي انهن خطرناڪ قسم جي HPV وائرس کان بچائي ٿي، جيڪي سيرويڪل ڪينسر جو سبب بڻجن ٿا. جيڪڏهن صحيح وقت تي لڳائي وڃي تہ اها ويڪسين 90 سيڪڙو تائين ڪيس روڪي سگهي ٿي.

ڇوڪرين کي ڇو ڏني وڃي ٿي؟

ڇوڪرين کي خاص ڪري 09 کان 14 سالن جي وچ ۾ ويڪسين ڏني ويندي آهي، ڇو تہ ان وقت تائين اهي وائرس جي خطري کان پري هونديون آهن. ننڍي عمر ۾ ويڪسين ڏيڻ سان تحفظ وڌيڪ مضبوط ۽ ڊگهي عرصي لاءِ ملي ٿو. ڇوڪرين کي ويڪسين ڏيڻ سان مستقبل ۾ جڏهن اهي وڏيون ٿين ۽ شادي يا ٻارن جي مرحلي ۾ داخل ٿين، تڏهن انهن وٽ اڳ ئي حفاظت موجود هوندي.

ڇا صرف ڇوڪرين لاءِ آهي؟

ڪيترن ئي ملڪ ۾ ڇوڪرن کي بہ ھي ويڪسين ڏني وڃي ٿي پر جتي وسيلا گهٽ آهن، اتي پهرين ڇوڪرين کي ويڪسين ڏيڻ تي ڌيان ڏنو ويندو آهي، ڇاڪاڻ تہ ھي ڪينسر ڇوڪرين لاءِ وڌيڪ خطرناڪ آهي.

ڇا خوف ڪرڻ جي ضرورت آهي؟

ويڪسين لکين ڇوڪرين ۽ عورتن کي ڏني وئي آهي ۽ اها محفوظ ثابت ٿي آهي. معمولي ضمني اثر ٿي سگهن ٿا، جهڙوڪ: هلڪو بخار يا ٽنگ ۾ سور، پر اهي عارضي هوندا آهن. سڀ کان اهم ڳالھ اها آهي تہ هي ويڪسين عورتن کي هڪ موت مار بيماريءَ کان بچائي ٿي.

سرويڪل ڪينسر ٿيڻ جا مک سبب:

1.      اھو وائرس عام طور تي جنسي رابطي ذريعي پکڙجي ٿو.

2.      ننڍي عمر ۾ جنسي تعلق شروع ڪرڻ سبب

3.      گهڻن ساٿين سان جنسي تعلقات ھئڻ سبب

4.      صفائي جي کوٽ يا گھڻا ٻار چڻڻ

5.      گھٽ مدافعتي نظام ھئڻ سبب

6.      تمباڪو نوشي ڪرڻ

علامتون (Signs & Symptoms):

شروع ۾ گهڻو ڪري ڪا بہ واضع علامت نظر نٿي اچي، پر بعد ۾ ٿي سگهن ٿيون:

1.      غير معمولي رت اچڻ

2.      پٺي، ڄنگھن يا ڇاتيءَ ۾ سور

3.      ٿڪاوٽ يا ڪمزوري

4.      غيرمعمولي رطوبت (Discharge)

5.      وزن گھٽ ٿيڻ

بچاءُ (Safety):

1.       (HPV)ويڪسين لڳرائڻ

2.      باقاعدي اسڪريننگ

3.      صفائي ۽ محفوظ جنسي تعلقات

4.      سگريٽ نوشي کان پاسو ڪرڻ

علاج (Treatment):

1.      علاج جودارومدار بيماري جي مرحلي (Stage) تي هوندو آهي.

2.      شروعاتي مرحلي ۾سرجري ذريعي ڪينسر وارو حصو هٽايو ويندو آھي.

3.      وڌيڪ وڌڻ تي ريڊيوٿراپي ۽ ڪيموٿراپي ڪئي ويندي آھي.

4.      علاج جلد ڪرڻ سان مڪمل شفا ملڻ جا امڪان وڌي وڃن ٿا.

 

#CervicalCancer #CervicalCancerAwareness #HPV #HPVVaccine #WomenHealth #CancerPrevention #StopCervicalCancer #SaveGirlsLives #CancerAwareness #ProtectGirls #SayNoToCancer #MokhiMedia #MokhiHealth #MokhiMagazine

Previous Post Next Post